”والدين کي ڳڻتي آهي ته ڪنواري نه رهجي وڃان“

ممبئي : بالي ووڊ اداڪارا تاپسي پنو چيو آهي منهنجي شادي لاءِ والدين به پريشان آهن.
هڪ انٽرٽينمينٽ پورٽل سان ڳالهائيندي جڏهن تاپسي کان شادي بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو منهنجا والدين به ان حوالي سان پريشان آهن، انهن کي ڳڻتي آهي ته ڪٿي مان سڄي عمر ڪنواري نه رهجي وڃان، والدين چاهين ٿا ته مان جلد کان جلد ڪنهن به شادي ڪري ڇڏيان.
هن چيو ته مان گهڻن ماڻهن سان وقت گذاريو پر ڪنهن سان عارضي لاڳاپا رکڻ نٿي چاهيان، ان سان ئي وقت گذارڻ پسند ڪنديس، جنهن سان شادي جي گنجائش هجي.
واضح رهي ته تاپسي پنو ان کان اڳ به شادي جي حوالي چيو هو ته مان شادي لاءِ فلم انڊسٽري ۾ ڪنهن سان به لاڳاپا رکڻ نٿي چاهيان، شادي شده زندگي ۽ فلم انڊسٽري کي الڳ رکڻ چاهيان ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔