انگلينڊ پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪارڊف: انگلينڊ پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪارڊف ۾ انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو درست ثابت ٿيو.
پاڪستاني اوپنر امام الحق ۽ ڪپتان بابر اعظم کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويا، جڏهن ته فخر زمان 47، محمد رضوان 13، سعود شڪيل 5، صهيب مقصود 19، شاداب خان 30، حسن علي 6، شاهين آفريدي 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
انگلينڊ طرفان ثاقب محمود 4 وڪيٽون وٺي سڀ کان ڪامياب بالر رهيو.
جواب ۾ انگلينڊ گهربل هدف 21.5 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ميزبان ٽيم طرفان ڊيوڊ ملان 68 ۽ زيڪ ڪريولي 58 رنسن جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔