سنڌ ۾ ڪنهن جي به چهري تي خوشي ناهي، بربادي جي سفر کي ڪشمير ۾ داخل ٿيڻ نه ڏينداسين:مريم نواز

ڪراچي: نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آھي تھ عمران خان ڪشميرين جو سودو ڪرڻ بعد پنهنجي اعمالن جو سوڳ ملهائي رهيو آهي، عوام تي قيام برپا ڪرڻ بعد عمران خان چوندو آهي ته مان ڇا ڪيان؟ سليڪشن جو سج پاڪستان ۾ لهڻ وارو آهي، بربادي جي سفر کي ڪشمير ۾ داخل ٿيڻ نه ڏينداسين، نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز آزاد ڪشمير جَي علائقي پٺهڪا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي ناقص پاليسين سبب سڄي ملڪ جو عوام ڀوڳي رهيو آهي، ڪشميري عوام کنڊ ۽ اٽي چورن کي ووٽ نه ڏيندو، سليڪشن جو سج پاڪستان ۾ لهي رهيو آهي، سليڪشن جو سج آزاد ڪشمير ۾ اڀرڻ نه ڏينداسين، بربادي جي سفر کي ڪشمير م داخل نه ٿيڻ نه ڏينداسين، مريم نواز چيو تھ پي ٽي آءِ حڪومت وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، آزاد ڪشمير ۾ ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ڏنا پيا وڃن، مان سنڌ ويس، سنڌ ۾ به ماڻهو روئي رهيا هئا، سنڌ ۾ ڪنهن جي به چهري تي خوشي ناهي، ڪجهه ماڻهو حڪومت جو پئسو خرچ ڪرڻ هتي اچن پيا، عمران خان جو نالو ڪشمير فروش آهي، عمران خان والاريل ڪشمير ڀارت جي جهوليءَ ۾ وجھي ڇڏيو، عمران خان هاڻي آزاد ڪشمير کي اڌو اڌ ڪرڻ چاهي ٿو، عمران خان جو وائرس والاريل ڪشمير کي ڳهي ويو، ڪشمير ڏئي ڇڏيو، اها هئي سليڪٽڊ جي پرڏيهي پاليسي، ڪشمير جو سودو ڪري چئي ٿو ته هر هفتي سوڳ ملهائينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔