تعليم کاتي ۾ استادن جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ آگسٽ جي ٻئين هفتي ۾ ٿيڻ جا امڪان!

ڪراچي: تعليم جي صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ جي تعليم واري سيڪريٽري احمد بخش ناريجو ، وائيس چانسلر سکر آءِ بي اي سيد مير محمد شاهه ، رجسٽرار سکر آءِ بي اي ڊاڪٽر زاهد حسين کنڊ ، آئي ٽي ماهر ظفر احمد ، ڊائريڪٽر ايڇ آر محمد جنيد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ استادن جي ڀرتي جي حوالي سان امتحان جي طريقيڪار ، سينٽرن ، اميدوارن جي بائيوميٽرڪ حاضري ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ PST ۽ JEST جي 46،500 کان وڌيڪ پوسٽن لاءِ حاصل ڪيل 500،000 درخواستن ۽ انهن جي جاچ جي طريقيڪار بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. صوبائي وزير چيو ته ڊويزنل سطح تي 6 ڊويزنن ۾ ڪراچي ، حيدرآباد ، سکر ، شهيد بينظير آباد ، ميرپور خاص ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٽيسٽون ڪيون وينديون، نتيجن کي شفاف بڻائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي سميت سمورا گهربل قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي آءِ بي اي جي وائيس چانسلر چيو ته هن ڀيري ٽيسٽ ڊويزنل سطح تي منعقد ٿيندي، پهرين مرحلي ۾ پي ايس ٽي ۽ ٻئي مرحلي ۾ جي اي ايس ٽي جي ٽيسٽ ڪئي ويندي. هن چيو ته توقع آهي ته آگسٽ جي ٻئي هفتي ۾ امتحان ورتو ويندو. هر اميدوار کي هڪ انفرادي جوابي شيٽ هوندي ، جنهن ۾ هن جي تصوير ۽ مڪمل معلومات اڳواٽ ئي درج ٿيل هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔