خواجا آصف ۽ احسن اقبال جي ضمانت تصديق آهي ته ڪا به ڪرپشن ناهي ٿي: شهباز شريف

ڪراچي: قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته ليگي اڳواڻن جي ضمانتن جا فيصلا ڪرپشن جي خلاف ن ليگ جي موقف جي تصديق آهي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته خواجا آصف ۽ احسن اقبال جي ضمانت جا فيصلا تصديق آهن ته ڪا به ڪرپشن ناهي ٿي، ن ليگ صدر جو چوڻ آهي ته عدالتي فيصلن ثابت ڪيو ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ سياسي انتقام جي لاءِ اپوزيشن تي ڪيس ٺاهيا، واضح رهي ته گذريل ڏينهن عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو هو ته خواجا آصف قومي ناڻي کي نقصان ناهي پهچايو ۽ احسن اقبال کي نيب گرفتار ڪري اختيارين جو ناجائز استعمال ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔