مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو نئون ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: ڪراچي جي عوام لاءِ وڏي خبر اها آهي ته بيريسٽر مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو نئون ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پ پ چائرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر کي تبديل ڪري مرتضيٰ وهاب کي مقرر ڪيو ويندو، بيرسٽر مرتضيٰ وهاب جي مقرري جو نوٽيفڪيشن ايندڙ هفتي جاري ٿيڻ جو امڪان آهي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جي رونقن کي بحال ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. ذريعن موجب کيس ڪي ايم سي جي تباه ٿيل ڍانچي کي بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔