پنجاب جي مختلف شهرن ۾ طوفاني برسات، 4 عورتن سوڌو 6 ڄڻا فوت

ڪراچي: پنجاب جي شهر گجرات ۽ ٻين علائقن ۾ طوفاني برسات جي ڪري مختلف واقعن ۾ 4 عورتن سوڌو 6 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، لاري اڏا ۾ سائن بورڊ ڪرڻ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو ۽ گرين ٽائون ۾ وڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته مڇي چوڪ ۾ بل بورڊ هيٺا دٻجي عورت سوڌو ٻه ماڻهون حياتيون وڃائي ويٺا، هن کان علاوه سيشن ڪورٽ روڊ تي گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙيون فوت ٿي ويون. ٻئي طرف جهلم ۽ پنڊي سوڌو پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات پئي، ان دوران ڪيترن ئي علائقن ۾ فيڊرز ٽرپ ڪري ويا جنهن جي نتيجي ۾ بجلي جي فراهمي متاثر ٿي وئي، جڏهن ته لاهور ۽ گجرانوالا ۾ به طوفان سبب ڪيترائي علائقا بجلي کان محروم ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔