سردار دير جا حربا استعمال ڪن پيا، مخالفن جو وڪيل ڪيس اڳتي ھلڻ نٿو ڏئي:ام رباب

دادو: دادو جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ۾ اُم رباب جَي ٽن ڀاتين جَي قتل ڪيس تي ٻڌڻي جوابدارن جي وڪيل جي دليلن بعد ملتوي، ٻڌڻي دوران اُم رباب، پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو، برهان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار پيش، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اُم رباب چيو آهي ته هن ڪيس ۾ سردارن کي سزا ملندي نظر اچي رهي آهي، تنهن ڪري دير جا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، مخالفن جو وڪيل ڪيس اڳتي هلڻ نٿو ڏئي، هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ٻڌڻي ملتوي ڪرائي وڃي ٿي، سرداري نظام خلاف جدوجهد ۾ اسان کي ڪاميابي ملي آهي، ڪيس ۾ انصاف ملڻ تائين خاموش نه ويهنديس، عدالتن مان انصاف جي اُميد آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔