بلاول واشنگٽن ۾ ”مين هون نا“ جي شوٽنگ ڪرڻ وڃي رهيو آهي: شهباز گل

ڪراچي: وزير اعظم جي خاص صلاحڪار شهباز گل ڪراچي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته بلاول پنهنجي متولين سان گڏ واشنگٽن وڃي رهيو آهي، عمران خان ڊرون حملن تي چيو ، ”بلڪل نه ، پر بلاول چوي ٿو مين هون نا، اسان کي نوڪري ڏيو، وائي ناٽ!‘ هن چيو ته بلاول چوي ٿو ته اسين توهان جا غلام آهيون ، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو، هو واشنگٽن ۾ مين هون ناه جي شوٽنگ ڪرڻ وڃي رهيو آهي. هن بلاول کي مخاطب ٿي چيو ته هاڻي سياست ۽ ملڪ جا ماڻهو تبديل ٿي چڪا آهن، عمران خان اهڙي ڊيل ٿيڻ نه ڏيندو. شهباز گل چيو ته بلاول جي پارٽي سنڌ ۾ اپوزيشن ليڊر کي ڳالهائڻ نٿي ڏي، اپوزيشن وارن کي ڪنهن ڪميٽي ۾ نٿو کنيو وڃي، آئون مطالبو ٿوڪيان ته وفاق ۾ پ پ چيئرمين سميت سڀني کي ڪميٽين مان ڪڍيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔