اعجاز جکراڻي ڪيس: سعيد غني جا الزام رد: ايس ايس پي جيڪب آباد خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو جيڪب آباد ۾ سنڌ جَي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي گهر تي چڙهائي دوران نيب ٽيم تي تشدد ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ تي ايس ايس پي جيڪب آباد خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو. نيب صوبائي وزير سعيد غني جا الزام رد ڪري ڇڏيا، سعيد غني جَي بيان کي حقيقتن جي ابتڙ ۽ خورشيد شاهه توڙي اعجاز جکراڻي ڪيسز تي اثر انداز ٿيڻ برابر قرار ڏنو ويو آهي. نيب موجب اعجاز جکراڻي خلاف سکر جي عدالت ۾ 2 ريفرنسز ٻڌڻي هيٺ آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ به ٽئين ڪيس ۾ سندس ضمانت رد ڪئي هئي، جڏهن ته نيب سکر جي ٽيم گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي ته مڇريل ماڻهن نيب ٽيم تي تشدد ڪيو ۽ گاڏين کي نقصان پهچايو. نيب موجب ايس ايس پي جيڪب آباد اعجاز جکراڻي جي گرفتاري ۾ مدد نه ڪئي، پوليس مڇريل ماڻهن کي روڪڻ لاءِ به قدم نه کنيا. نيب اسلام آباد پنهنجي پڌرائي ۾ چيو ته نيب رافع جکراڻي ۽ ٻين خلاف ڪيس لاءِ درخواست ڏني، پر ايس ايس پي جيڪب آباد سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري نيب طرفان نامزد ڪيل جوابدارن کي شامل ئي نه ڪيو. نيب اعلان ڪيو آهي ته ايس ايس پي جيڪب آباد خلاف عدالت سان رابطو ڪري قانون ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔