بحريه ٽائون ڪيس: پوليس پاران فريادي مٿان ايف آءِ آر ۾ ملڪ رياض بدران لفظ مالڪ ڏيڻ لاءِ دٻاءُ

ملير: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گڏاپ جي جمع خان گبول ڳوٺ جي امير علي گبول ۽ ٻين پاران بحريا ٽائون انتظاميا خلاف ڳوٺ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن تي تشدد ۽ 52 گهرن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلي ٻڌائڻ بعد ڳوٺاڻي امير علي گبول پاران ايڊوڪيٽ محمد خان شيخ ۽ ٻين سان گڏ گڏاپ ٿاڻي تي ايف آء آر لاء پهتو . بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض، بحريا ٽائون جي ڊائريڪٽر لينڊ ايڊمرل (ر) احمد حيات، لينڊ ڊپارٽمنٽ جي آفيسر ڪرنل (ر) خورشيد بخاري، ڪرنل (ر) رفاقت، ايم ڊي اي جي آفيسر احسن ايوب صديقي سميت بحريا ٽائون جي 200 سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ ملازمن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاء درخواست ڏني وئي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسان جو ڳوٺ سوين سالن کان قديم آهي جنهن تي بحريا ٽائون انتظاميا غيرقانوني چڙهائي ڪري 52 گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ کانسواءِ معصوم ٻارن، عورتن تي سخت تشدد ڪري گهرن کان بي گهر ڪري ڳوٺاڻن مٿان 14 ڪيس داخل ڪرايا ويا جن ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا. پر پوليس پاران ايف آء آر ۾ ملڪ رياض جي نالي بدران لفظ مالڪ ڏيڻ لاء فريادي مٿان دٻاءُ وڌو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔