ذلفي بخاري، بلاول خلاف 100 ملين پائونڊ هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم جي اڳوڻي خاص مددگار اوورسيز معاملن ذلفي بخاري پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خلاف 100 ملين پائونڊ هرجاڻي جي دعويٰ دائر ڪري ڇڏي آهي. ذلفي بخاري پنهنجي سوشل ميڊيا بيان ۾ چيو ته قانوني ٽيم جي صلاح مشوري کان پوءِ هن بلاول جي خلاف هاڻوڪي غير ذميواراڻي تبصري تي هتڪ عزت جي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته بلاول کي حقيقتن جي ڄاڻ ڪانهي، ۽ ناقص سمجهه سبب کيس پتو به ڪونهي، بلاول پنهنجو بيان واپس وٺي ۽ پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪري، ميڊيا ۾ معذرت ڪئي. اڳوڻي خاص مددگار طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو ته بلاول ڀٽو حلف کڻي ته هو بدنامي تي ٻڌل اهڙا بيان نه ڏيندو. قانوني نوٽيس ۾ اهو پڻ چيو آهي ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري 14 ڏينهن اندر معافي نه ورتي ته پوءِ سندس جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔