اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ شاگردن تي پوليس ڪڙڪي پئي، ڪيترائي گرفتار

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ شاگردن تي پوليس ڪڙڪي پئي ڪيترائي گرفتار، امتحان ملتوي ڪرائڻ لاءِ ميٽرڪ ۽ انٽر جي شاگردن اسلام آباد ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ٻاهر احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي پوليس پهچي ڪيترن ئي شاگردن کي گرفتر ڪر ورتو، جنهن دوران شاگردن ۽ پوليس ۾ منهن ماري به ٿي، احتجاج ڪندڙ شاگردن جو چوڻ هو ته حڪومت جي طرفان آن لائن پڙهايو ويو، جنهن جي ڪري تياري ناهي ٿي سگهي، شاگردن تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي استعيفي جو مطالبو ڪندي چيو ته جيستائين مطالبا منظور نهٿيندا ڌرڻو جاري رهندو، جڏهن ته پوليس ڪيترن ئي شاگردن کي گرفتار ڪري کڻي وئي، چڪرين دوران هڪ نجي ٽي وي ڪئيمرامين به زخمي ٿي پيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔