حريم جي ڪنهن وزير سان شادي ناهي ٿي، اهو شوشو آهي: بلاول

اسلام آباد/ڪراچي: پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي ڪنهن صوبائي وزير جي حريم شاهه سان شادي جي خبر کي شوشو ۽ مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي سازش قرار ڏنو آهي جڏهن ته صوبائي وزير ناصر حسين شاهه حريم شاهه کي ڌيءُ بڻائي ڇڏيو آهي. زرداري هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول چيو ته اهو شوشو آهي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، هي سڀ ائين آهي اهڙين حرڪتن جي ڪا حيثيت نه آهي، ۽ نه ئي ان قسم جي ڪا ڳالهه ٿي آهي. صحافي جي سوال تي بلاول پهرين مسڪرايو، ٿڌو ساهه ڀريو ۽ پنهنجي خاص انداز ۾ وضاحت ڪئي. ٻئي طرف صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته حريم شاهه به اسان جي ائين ئي ڌيءُ آهي جيئن ٻيون ڌيئرون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔