ٿرڪول ايريا ۾ قتل ٿيل پورهيت دودي ڀيل جو وفاقي سرڪار نوٽيس ورتو

مٺي: ٿر ڪول ايريا ۾ قتل ٿيل پورهيت دودوڀيل جي قتل ۽ لڳل ڌرڻي جو وفاقي سرڪار نوٽيس ورتو، وفاقي پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي جو احتجاج ڪندڙ وارثن سان رابطو ۽ ٽيليفونڪ خطاب ٿيو. شاهه محمود قريشي پورهيت دودي ڀيل جي قتل جي مذمت ۽ گرفتاري جو مطالبو ڪندي چيو ته ڪيس داخل ڪرائڻ شھرين جو قانوني ۽ آئيني حق آھي، ايس ايس پي ٿرپارڪر رياست جو ملازم آھي، ان کي ڪنهن هڪ ڌر جو طرفدار بڻجڻ نه گهرجي، پورهيت جو بي دردي سان قتل افسوس ناڪ عمل آھي مقتول جي خون سان انصاف ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته قاتل ڪير به هجن انهن کي گرفتارڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي، آء جي سنڌ ٿر پوليس انتظاميه جي اقرباپروري جو نوٽيس وٺي مقتول نوجوان جي وارثن کي انصاف ڏياري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔