پهرين جولاءِ تاريخ جي آئيني ۾

ڪراچي: سنڌ سميت دنيا ۾ پهرين جولاءِ جو ڏهاڙو اهميت وارو آهي. پهرين جولاءِ 1970ع تي ون يونٽ ٽٽو جنهن سان نه صرف سنڌ جي صوبائي وحدتي حيثيت بحال ٿي پر ڪراچي به ٻيهر سنڌ حوالي ٿي. ڇاڪاڻ ته 1947ع ۾ ڪراچي پاڪستان جي گادي ٿيڻ سان گڏ صوبي جو اختيار به ختم ٿي ويو هو. ڪراچي کي 1961ع ۾ اسلام آباد، راڄڌاني بڻجڻ بعد اولهه پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو. جنهن بعد جيئن ئي ون يونٽ ختم ٿيو ته سنڌ به وحدتي حيثيت ۾ بحال ٿي، جنهن ۾ ڪراچي شامل هئي.اڄوڪي ڏينهن 1948ع تي قائد اعظم اسٽيٽ بئنڪ جو افتتاح ڪيو، پهرين جولاءِ 1973ع ۾ پاڪستان ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيو. پهرين جولاءِ 1653ع دنيا جو پهريون پوسٽ آفيس دٻو (ليٽر باڪس) پيرس ۾ لڳايو ويو. پهرين جولاءِ 1847ع ۾ آمريڪا ۾ ٽپال ٽڪلي جاري ٿي. پهرين جولاءِ 1970ع تي بلوچستان صوبي جو قيام آندو ويو. پهرين جولاءِ 1961ع ۾ جڳ مشهور شهزادي ڊيانا پيدا ٿي. پهرين جولاءِ 1879ع ۾ ننڊي کنڊ ۾ پهريون پوسٽ ڪارڊ جاري ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔