پاڪستان جا اسرائيل سان لاڳاپا، فيصلو طالبان ڪندا: اسرائيلي اخبار جي دعويٰ

ڪراچي : اسرائيلي اخبار جو چوڻ آهي ته پاڪستان آهستي آهستي اسرائيل سان لاڳاپن طرف وڌي رهيو آهي پر پاڪستان جو اسرائيل کي تسيلم ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو طالبان ڪندا، اسرائيلي اخبار هاريٽز ۾ ڪنور خلدون شاهد جو ڇپيل مضمون ۽ هڪ ٻئي اسرائيلي اخبار جي هن خبر جو حوالو ڏنو، جنهن موجب وزيراعظم عمران خان جو اڳوڻو خاص معاون خصوصي ذلفي بخاري نومبر 2020 ۾ اسرائيلي گادي واري شهر تل ابيب جو ڳجهو دورو ڪيو، هاريٽز لکي ٿو ذلفي بخاري هن دوري جي ترديد ڪئي آهي، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت کان اسرائيل سان رابطن بابت جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، اسرائيلي اخبار لکيو آهي ته ڪجهه ماڻهو هن ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته پاڪستان ۽ اسرائيل جي وچ ۾ سفارتي رابطا هلندڙ سال 2021 جي آغاز ۾ به موجود هئا، مضمون لکندڙ جي دعويٰ آهي ته پاڪستان آهستي آهستي اسرائيل طرف وڌي رهيو آهي، هن ڀيري هي مامرو ڪنهن جي دٻاءُ تحت نه پر سعودي عرب ۽ گڏيل عرب عمارت جي ڪري آهي، اسرائيلي اخبار لکي ٿو ته اسرائيل سان لاڳاپا رکڻ تي مذهبي جماعتن جي طرفان مزاحمت ٿي سگهي ٿي، افغانسان ۾ طالبان جي حوالي پيدا ٿيندڙ تازه صورتحال مان هن ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جا اسرائيل سان لاڳاپن جو فيصلو طالبان ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔