دٻاءُ باوجود چين سان لاڳاپن ۾ ڪابه تبديلي نه آڻينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد : پاڪستاني چيني صدر جي ڪرپشن خالف جنگ مان متاٿر ٿيا آهن، پاڪستان ۾ چيني صدر شي جِن پِنگ کي جديد دور جو عظيم ليڊر سمجهيو وڃي ٿو، چيني صدر جي ڪرپشن خلاف مهم اثرائتي ۽ ڪامياب رهي، وزيراعظم عمران خان چيني ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته پاڪستان تي ڀلي ڪيترو به دٻاءُ وڌو وڃي، چين سان لاڳاپن ۾ ڪابه تبديلي نه آڻينداسين، چين سان ويجها ۽ گهرا لاڳاپا آهن، چين هر ڏُکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي اٿئون، آئون پاڻ به ايندڙ هفتي گوادر وڃي سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺندس، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو تھ سي پيڪ سان پاڪستان جو اقتصادي مستقبل واڳيل آهي، چين سان لاڳاپن تي پاڪستان مٿان دٻاءُ آهي، ھن چيو تھ ڀل ڪيترو به دٻاءُ وڌو وڃي، چين سان لاڳاپا برقرار رهندا، ايندڙ هفتي گوادر وڃي سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔