موبائل فون سان گڏ بصر مفت: دڪاندار پاران انوکي آڇ

ممبئي: موبائل فون سان گڏ بصر مفت حاصل ڪريو، ڀارت ۾ دڪاندار انوکي آڇ ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارت جي شهر تامل ناڊو ۾ موبائل فون جي دڪاندار هڪ نرالي آڇ ڏني آهي. دڪان مالڪ پنهنجا موبائل فون وڌيڪ وڪامجڻ ۽ پنهنجي دڪان جي مارڪيٽنگ ڪرڻ جو هڪ نئون انداز اپنايو آهي. دڪاندار سندس دڪان تان موبائل فون خريد ڪندڙ کي موبائل سان گڏ هڪ ڪلو بصر مفت ۾ ڏئي ٿو.ڀارتي ميڊيا موجب دڪان جي مالڪ جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ بصر جي وڌندڙ قيمت کي نظر ۾ رکندي مون سوچيو ته موبائل فون خريد ڪندڙ کي هڪ ڪلو بصر مفت ۾ ڏنا ويندا جيئن منهنجو دڪان مقبول ٿي ۽ ماڻهو وڌ کان وڌ مون وٽ اچڻ ۽ موبائل فون خريد ڪن.هن وڌيڪ ٻڌايو ته انهي اسڪيم کي هڪ هفتو اڳ متعارف ڪرايو هو ۽ توهان کي حيرت جي ڳالهه ٻڌايان ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هن وقت منهنجي دڪان تي تمام گهڻي رش رهي ٿي ۽ موبائل فون پهرين کان وڌيڪ وڪامجن ٿا. دڪان جي مالڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته پهرين منهنجي دڪان کان 3 کان 4 موبائل فون وڪامجندا هئا پر انهي بصرن واري اسڪيم کان پوءِ هاڻي ڏينهن ۾ 10 کان 11 موبائل فون وڪامجڻ لڳا آهن.هن موبائيل خريدار جو چوڻ هو ته هن دڪان تان اسان بصر به پنهنجي مرضي جا کڻي سگهون ٿا. ياد رهي ته ڀارت ۾ بصر جي وڌندڙ قيمت عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.تازو ئي ڀارت جي شهر تامل ناڊو ۾ شادي جي موقعي تي هڪ جوڙي کي بصرن جو ٺهيل تحفي طور ڏنو ويو. ٻئي پاسي بصر جي قيمت وڌڻ ڪري بصرن جي چوري ۽ ڦرلٽ جا واقعا به سامهون آيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔