اسپيڪر کُليل نموني ڌُر بڻجي ويو آهي:شاھد خاقان عباسي

اسلام آباد: اسپيڪر کُليل نموني ڌُر بڻجي ويو آهي، اسپيڪر بجيٽ تي ٻيهر ووٽنگ ڪرائي ها ته ڪهڙي قيامت اچي وڃي ها، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران حڪومتي ۽ اسپيڪر تي تنقيد، شاهد خاقان عباسي چيو ته بلاول ڀٽو جي ڳالهين جي تائيد ڪريان ٿو، ٽن سالن کا ايوان کي پارلياماني روايتن ۽ ضابطن تحت نٿو هلايو وڃي، بجيٽ لاءِ ووٽنگ تي اپوزيشن جي اعتراض بعد ٻيهر ووٽنگ ڪرائڻ اسان جو حق آهي، رولز ۾ آهي ته ووٽ چئلينج ٿئي ته ٻيهر ووٽنگ ڪرائي ويندي، اهو اسپيڪر جي اختيار ۾ نٿو اچي، اسپيڪر غيرجانبدار رهي ته ايوان جي ڪارروائي رولز تحت هلي سگهي ٿي، ياد رکو ته اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر تقرير نٿو ڪري سگهي ته ليڊر آف دِي هائوس به تقرير نه ڪري سگهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔