خورشيد شاهه جو ٻن سالن کان علاج، سموريون رپورٽس رد، اسان کي بيوقوف ٿا سمجهو: جج

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي ٻن سالن کان اسپتال ۾ علاج هجڻ بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جنهن سلسلي ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ۽ اين سي وي ڊي اسپتال جا ڊاڪٽرزعدالت ۾ پيش ٿي ڪري رپورٽ پيش ڪئي، عدالت نيب، اين آءِ سي وي ڊي سکر ۽ سنڌ حڪومت جون رپورٽون رد ڪندي خورشِد شاھ کي مسلسل اسپتال ۾ رکڻ تي عدالت طرفان ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، عدالت چيو ته سنڌ حڪومت جي گھرو وزارت بنا ڪنھن وجھ جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال کي سب جيل قرار ڏئي ڇڏيو، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو تہ وزير اعلي سنڌ جي حڪم تي گھرو وزارت اين آءِ سي وي ڊي اسپتال کي سب جيل قرار ڏنو آھي، ٻڌايو وڃي تہ ڪھڙو مريض آھي جنھن جو علاج ٻن سالن ۾ مڪمل ناھي ٿيندو. عدالت جو اين آءِ سي وي ڊي جي عملدارن کان پڇاڻو، جسٽس عمر سيال چيو تهتوھان اسان جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي رھيا آھيو، توھان اسان کي بيوقوف پيا سمجھو، نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اسان خورشيد شآھ کي گرفتار ڪيو، نيب ڪورٽ ان کي جيل اماڻيو، ھاڻي اسان جو اِن سان ڪو تعلق ناھي، معزز جج چيو ته نيب جو ڪرار انوکو آھي، نيب ماڻھن کي گرفتار ڪندي آھي ٻن سالن تائين ماڻھن کي خوار ڪندي آھي، بغير وارنٽ جي ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويندو آھي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته خورشيد شاهه کي ڪهڙي قانون تحت خصوصي سهولتون ڏنيون پيون وڃن، صرف هي ٻڌايو وڃي ته ڪيترا مريض آهن جن کي سب جيل ۾ رکيو ويو آهي، ان موقعي تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته باقي مريضن مون کي خبر ناهي، عدالت ڊاڪٽرز کان پڇاڻو ڪيو ته اسپتال ۾ ٻيا ڪيترا مريض آهن جن جو ٻن سالن کان علاج هلي رهيو آهي،عدالت جي پڇاڻي تي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال جو ڊاڪٽر جاويد جواب نه ڏئي سگهيو، عدالت چيو ته هي نيب جي اکين جي هيٺان ٿي رهيو آهي، هن مامري ۾ نيب جي مداخلت شامل آهي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت، نيب ۽ اسپتال انتظاميه عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهي، جيڪڏهن مطمئن نه ڪيو ويو ته چيف سيڪريٽري سنڌ آءِ جي جيلز ۽ ڊائريڪٽر اين آءِ سي وي ڊي جي خلاف توهين عدالت ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالت چيو ته سنڌ حڪومت، جيل عملدار ۽ اسپتال انتظاميه تفصيلي جواب داخل ڪرائين، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 8 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔