بائيڊن جي اسرائيلي هم منصب کي ايران خلاف سخت موقف رکڻ جي خاطري

واشنگٽن : آمريڪي صدر جو بائيدن اسرائيلي صدر ريوين ريولن سان ملاقات دوران ايران خلاف سخت موقف جي خاطري ڪرائي آهي.
وائيٽ هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ بائيڊن چيو ته منهنجي اقتدار دوران ايران کي ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏنا ويندا.
ان موقعي تي اسرائيلي صدر آمريڪي هم منصب جي بيان تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔