عالمي چيمپيئن فرانس به يورو فٽبال چيمپيئن شپ کان ٻاهر

سوئٽزرلينڊ يورو فٽبال چيمپيئن شپ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ عالمي چيمپيئن فرانس کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
سوئٽزرلينڊ پينلٽي ڪڪس مرحلي ۾ فرانس کي 4 جي ڀيٽ ۾ 5 گولن تان شڪست ڏني ۽ ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، جتي ان جو مقابلو اسپين سان ٿيندو.
اسپين جي ٽيم ڪروشيا کي 3 جي ڀيٽ ۾ 5 گولن سان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي آهي، جڏهن ته بيلجيئم، اٽلي، جمهوريا چيڪ ۽ ڊنمارڪ جون ٽيمون به سپر 8 مرحلي ۾ پهچي ويون آهن.
هوڏانهن انگلينڊ جو مقابلو جرمني سان، جڏهن ته سويڊن جو مقابلو يوڪرين سان ٿيندو ۽ فاتح ٽيمون ڪوارٽر فائنل ۾ وينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔