بالي ووڊ اداڪارن ڪترينا ڪيف جو ڀاءُ بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ممبئي : بالي ووڊ ايڪشن اسٽار اڪشي ڪمار باربي ڊول ڪترينا ڪيف طرفان راکي ٻڌڻ جي خواهش تي مٿس ڪاوڙجي پيو.
ڪترينا ڪيف پنهنجي خوبصورتي ۽ اداڪاريءَ سبب ڪروڙين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿي پر ان جو ڪو ڀاءُ ناهي، جنهن سبب هن ڪيترن ئي اداڪارن کي ڀاءُ بڻائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي پر ڪنهن به کيس ڀيڻ بڻائڻ ۾ دلچپسي نه ورتي.
ڪترينا ڪيف اڪشي ڪمار سان ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي ۽ اهو جوڙو روهت شيٽي جي ايندڙ فلم ”سورياونشي“ ۾ به نظر ايندو.
باربي ڊول ”ڪافي ود ڪرن“ ۾ انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو ته مان اڪشي کي سٺو دوست سمجهندي آهيان ۽ فلم ”تيس مار خان“ جي شوٽنگ دوران مان کيس راکي ٻڌڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته اڪشي ڪاوڙجي پيو ۽ جواب ۾ مون کي چيائين ته ”ڇا توهان چماٽ کائڻ پسند ڪندئو“.
ڪترينا ڪيف وڌيڪ چيو ته هڪ تقريب دوران مان ارجن ڪپور کي چيو ته تون منهنجو ڀاءُ بڻجي وڃ، مان توکي راکي ٻڌان ٿي، جنهن تي ارجن ڪپور ڀَڄي تقريب مان هليو ويو، وري نه موٽيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔