ٽيم خاطر اوپننگ پوزيشن جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان: محمد رضوان

لنڊن : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان چيو آهي ته ٽيم خاطر اوپننگ پوزيشن جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ انگلينڊ ۾ موجود آهي، جتي انٽرويو دوران محمد رضوان چيو ته عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڪاميابين جو اعتماد کڻي انگلينڊ آيا آهيون، ميزبان ٽيم هوم ڪنڊيشن ۾ مضبوط هوندي پر گذريل دوري ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي سٺي رهي، بابر اعظم ۽ فخر زمان سميت ٽاپ آرڊر سٺي فارم ۾ آهي.
هن چيو ته گذريل سيريز دوران مڊل آرڊر ۾ مسئلا نظر آيا پر صهيب مقصود جي ٽيم ۾ واپسيءَ سان بيٽنگ لائن مضبوط ٿيندي، هو باصلاحيت آهي ۽ ڪنهن به پوزيشن تي ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي ٿو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ٽيم ڪامبينيشن جوڙيندي جيڪڏهن ڪپتان بابر اعظم يا مون کي به پوزيشن جي قرباني ڏيڻي پئي ته ان لاءِ تيار آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔