ورلڊ بئنڪ پاڪستان لاءِ اسي ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: ورلڊ بينڪ پاڪستان لاءِ 80 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. عالمي بينڪ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب قرض مان 2 سالن دوران 2 پروگرام شروع ڪيا ويندا.هڪ پروگرام سستي ۽ ڪلين توانائي بابت هوندو. ان پروگرام جي تحت 40 ڪروڙ ڊالرن مان سستي ۽ شفاف توانائي مهيا ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پروگرام مان بجلي جي پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي، ٽيرف تي سبسڊي ۽ ورهاست وارو پروگرام بهتر ڪيو ويندو.جڏهن ته 40 ڪروڙ ڊالر انساني وسيلن ۾ سرمائيڪاري ڪري وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ هوندا. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي پروگرام مان صحت، تعليم جي شعبي ۾ بهتري تي ڪم ڪيو ويندو. پروگرام مان غريب طبقي لاءِ آمدني جا ذريعا بهتر ڪرڻ تي به ڪم ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔