ڪراچي ۾ پورهيت جي اڪائونٽ ذريعي جعلي مني لانڊرنگ جو اسڪينڊل منظرعام تي اچي ويو

ڪراچي:ڪراچي ۾ فالودي کان پوءِ ڏهاڙيدار پورهيت جي اڪائونٽ ذريعي جعلي مني لانڊرنگ جو اسڪينڊل منظرعام تي اچي ويو، نيب، نارٿ ناظم آباد واسي پورهيت کي 15 جون تي راولپنڊي طلب ڪري ورتو، طلبي نوٽيس ۾ نيب جو چوڻ آهي ته سال 2016 ۽ 17ع ۾ جاپان مان چوري ٿيل 200 گاڏيون خريد ڪيون ويون، گاڏين جي خريداري لاءِ پورهيت اڪبر جي اڪائونٽ مان پئسن جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي، نوٽيسز جاري ٿيڻ باوجود اڪبر 15 ۽ 24 جون تي نيب آڏو پيش نه ٿيو، پورهيت محمد اڪبر جو چوڻ آهي ته شٽرنگ جو ڪم ڪري پيٽ پاليندو آهيان، راولپنڊي وڃڻ لاءِ ڪرايو به نه آهي، جاپان جو رڳو نالو ٻڌو اٿم، ڪڏهن ويو ئي ناهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔