گھوٽ جي نظر ڇو گھٽ آھي؟ ڪنوار جو شادي کان انڪار

ممبئي : ڀارتي رياست اتر پرديش جي تعلقي اورايا ۾ ھڪ عجيب ۽ غريب واقعو پيش آيو، جتي ڪنوار گھوٽ جي نظر ڪمزور ھجڻ جي ڪري شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي، غير ملڪي ميڊيا موجب جمال پور ڳوٺ سان تعلق رکندڙ ڪنوار ارچنا جي شادي بنشي ڳوٺ جي شيوم نالي شخص سان طئي ٿي ھئي، شادي جي ڏينھن ارچنا شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، شادي جي ڏينھن ڪنوار ۽ ان جي ھڪ مائٽ ڏٺو تھ شيوم چشمو پھري ويٺل آھي، جنھن جي ڪري ھنن کي ان جي نظر ڪمزور ھجڻ جو شڪ ٿيو، گھوٽ کان مطالبو ڪيو ويو تھ چشمي کانسواءِ اخبار پڙھو، ان ٽيسٽ ۾ گھوٽ ناڪام ٿي ويو تھ ڪنوار شادي کان انڪار ڪندي چيو تھ ان حوالي سان مون کي آگاھ نھ ڪيو ويو ھو. جڏھن تھ ڪنوار جي گھروارن گھوٽ کان نقدي ۽ موٽرسائيڪل واپس ڏيڻ جو مطالبو ڪيو جنھن کي جھيز ۾ ڏيکاريو ويو ھو، گھوٽ جي گھروارن اھو مطالبو پورو نھ ڪيو تھ ڪنوار جي مالڪن گھوٽ ۽ مائٽن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔