فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جا امڪان

اسلام آباد: سڄي ملڪ ۾ گيس جو بحران وڌڻ سان پاور پلانٽس کي گيس جي فراهمي بند، توانائي واري وزارت بجلي جي پيداوار برقرار رکڻ لاءِ پاور پلانٽس کي فرنس آئل درآمد ڪرائڻ لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏي.
ملڪ ۾ جاري گيس بحران جي ڪري بجلي بڻائيندڙ پاور پلانٽس کي گيس جي فراهمي بند ٿيڻ سان بجلي جي گهرج ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ پيٽروليم ۽ پاور ڊويزن جي توانائي واري اسٽيڊنگ ڪميٽي جي ڳالهين سان فرنس آئل درآمد ڪرڻ جي اجازت ڇڏي آهي.
توانائي واري وزير جي ذريعن موجب پاور پلانٽس کي فرنس آئل تي هلائڻ سان بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته فرنس آئل تي پيدا ٿيندڙ مهانگي بجلي جو بار به ماهوار فيول پرائس جي مد ۾ بار به واهپيدار برداشت ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔