ارسا پنهنجو ڪم صحيح نه پئي ڪري:وڏو وزير

سکر/ڪنڌڪوٽ/ڪشمور: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي تھ ارسا پنهنجو ڪم صحيح نه پئي ڪري، لڳي ٿو وفاق ارسا کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي تنگ ڪريو، ارسا پاڻي جي ورڇ ۾ سنڌ سان ناانصافي ڪري رهي آهي، ارسا جي ڪري سنڌ ۾ اڃا پاڻي جي کوٽ آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته گئس جي لوڊشيڊنگ سياري ۾ ٿيندي آهي، وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، گذريل بجيٽ ۾ سنڌ لاءِ 707 ارب رُپيا رکيا ويا هئا، لڳي نٿو ته رهيل 6 ارب رُپيا 30 جون تائين ملي ويندا، وفاق پئسا خيرات ۾ نٿو ڏئي، اهو سنڌ جو آئيني حق آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔