سکر: نيب ڪارروائي ڪري جعلي نيب آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو

سکر: نيب ڪارروائي ڪري جعلي نيب آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو، نيب ذريعن موجب شعيب چانڊيو نالي جوابدار کي نيب ڪراچي جي ٽيم گرفتار ڪيو آهي، جوابدار جو احتساب عدالت سکر مان راهداري ريمانڊ ورتو آهي، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار پاڻ کي نيب جو آفيسر ظاهر ڪري پيسا وٺندو هو، عدالت ٻن ڏينهن جي ريمانڊ تي جوابدار کي نيب حوالي ڪيو، جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي، جوابدار لاڙڪاڻي جو رهائشي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔