مبارڪپور ڀرسان ارڙي وگهي 4ورهين جي ٻارڙي فوت

مبارڪپور: مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ۾ ارڙي جي وبا خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ صحت کاتي ۽ لاڳاپيل عملدارن ڪو تحرڪ نه ورتو آهي جنهن ڪري ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، ڳوٺ ميهار خان شر ۾ 4 ورهين جي معصوم ٻارڙي راشدان ڌيءَ خالد حسين چاچڙ ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، فوتي ٻارڙي جي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو هو، ارڙي ۾ مبتلا فوت ٿيڻ بعد فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 15 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ساڳي ڳوٺ ۾ 6ٻارڙن سميت علائقي اندر سوين ٻارڙا ارڙي ۾ ورتل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔