ڪورونا وبا وڌيڪ 44 مريصن کان حياتيون کسي ورتيون، 1000 کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 44 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون. جڏهن ته 1052 نوان هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 45 هزار 924 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1052 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. اهڙي طرح ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 2.29 سيڪڙو رهي ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جو انگ 952.907 ٿي ويو آهي.

جن مان 897.834 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 44 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون. اهڙي طرح ملڪ ۾ هينئر تائين هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل انگ 22 هزار 152 ٿي ويو آهي.

سموري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسز جي انگ ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ فعال ڪيسز جو انگ 32 هزار 921 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔