پاڪستان ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر جولاءِ دوران اچي سگهي ٿي: اسد عمر

اسلام آباد: وفاقي وزير اسد عمر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو ۽ ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي مهم صحيح طريقي سان جاري نه رهي ته پاڪستان ۾ موذي وبا جي چوٿين لهر جولاءِ ۾ اچي سگهي ٿي.

سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اين سي او سي اجلاس ۾ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو آرٽيفيشل انٽيليجنس جي بنياد تي لڳايو ويو جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ ۽ مضبوط ويڪسينيشن پروگرام جاري نه رهڻ جي صورت ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر جولاءِ ۾ اچي سگهي ٿي.

وفاقي وزير اسد عمر ڪورونا جي چوٿين لهر کان بچڻ لاءِ شهرين کي ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ۽ جلد کان جلد ويڪسينيشن ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔