سنڌ ۾ گئس جو بحران وڌي ويو، صنعتن کي فراهمي بند ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ ۾ گئس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو. سوئي سدرن سي اين جي اسٽيشن کان پوءِ هاڻ مختلف صنعتن کي به گئس جي فراهمي معطل ڪري ڇڏي آهي ان سان گڏ ئي گئس مان بجلي ٺاهيندڙ صنعتن(ڪيپٽيو پاور يونٽس) کي به گئس جي فراهمي 50 سيڪڙو گهٽ ڪئي وئي.سوئي سدرن گئس ڪمپني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪمپني کي هن وقت گئس جي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. گئس فيلڊ مان لڳ ڀڳ 200 کان 250 ايم ايم سي ايف ڊي گهٽ گئس ملي رهي آهي. ڇو ته گئس جي سپلاءِ ڏيندڙ هڪ وڏي گئس فيلڊ ڪنزپساکهي ڊيپ گئس فيلڊ جي ساليانو مرمت سبب 21 ڏينهن جي لاءِ بند ٿي وئي آهي.ايس ايس جي سي چيو آهي ته گئس گهٽ ملڻ جي باوجود هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته صارفين کي گهٽ کان گهٽ تڪليف ڏني وڃي ۽ جتي جتي گئس پهچائي سگهجي ٿي اتي گئس جي ورهاست کي ممڪن بنايو وڃي ڇو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گئس پهچائڻ سوئي سدرن جي ذميواري آهي. پر هن گئس جي بحران سبب گهريلو صارفين کي گئس پهچائڻ ۾ ڪافي پريشانيون سامهون اچي رهيون آهن.سوئي سدرن گئس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت طرفان واضح ڪيل گيس لوڊ مينجمينٽ سپلائي پاليسي جي تحت گهريلو صارفين کي گيس پهچائڻ پهرين اوليت آهي ۽ گهريلو صارفين کي گئس پهچائڻ جي حوالي سان نان ايڪسپورٽ انڊسٽري کي 100 سيڪڙو گئس جي ورهاست ختم ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڪيپٽو پاور جي گئس سپلائي ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرزکي اڳواٽ اطلاع ڏني وئي آهي. اسان جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اپيل آهي ته ڪمپني سان مڪمل تعاون ڪن ۽ ساٿ ڏين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔