سنڌ ۾ گذريل 10 سالن دوران جاري ڪيل جعلي ڊوميسائيل ۽ پي آر سيز جي ٻيهر جاچ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائل ٺاهڻ واري معاملي ۾ سنڌ حڪومت صوبي ۾ جاري ڪيل ڊوميسائيلن ۽ پي آر سيز جي ٻهير جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ حڪومت پاران گذريل 10 سالن ۾ جاري ڪيل ڊوميسائلن ۽ پي آر سي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت ڊوميسائل ۽ پي آر سيز جاري ڪرڻ جا ضابطا وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيا آهن، ان حوالي سان سمورن ڊي سيز کي خط لکي ڊوميسائل ۽ پي آر سي جاري ٿيڻ کان اڳ فيلڊ ويريفڪيشن جي هدايت ڪئي وئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڊوميسائل ۽ پي آر سي جاري ڪرڻ کان اڳ رهائش ۽ تعليمي سندن جي تصديق ڪئي وڃي ۽ گذريل 10 سالن دوران جعلسازي وسيلي ورتل ڊوميسائل ۽ پي آر سيز رد ڪيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔