سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 24 مريض فوت، 655 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جون 13223 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 655 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 24 مريض فوت ٿي ويا. اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ وڌي 5،392 ٿي ويو آهي. اڄ وڌيڪ 426 مريض صحتياب ٿيا آهن، جنهن بعد صحتياب ٿيندڙ ماڻھن جو ڪل تعداد 309496 تي پھچي ويو آھي. هن وقت 19548 مريض علاج هيٺ آهن، 18917 گهرن ۾ ، 31 آئسوليشن سينٽرس ۽ 600 مريضن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج ڪيو پيو وڃي، جن مان 550 مريضن جي حالت نازڪ ۽ 59 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔