انا جو جِن نظام کي هلڻ نٿو ڏئي ۽ زڪوٽا جِن نظام جا هڏا به چٻاڙي رهيو آهي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ ٻارن جَي مشهور ڊرامي عينڪ والا جِن جَي دلچسپ ڪردار زڪوٽا جِن جو ذڪر، نواز ليگ ايم اين اَي مريم اورنگزيب بجيٽ تقرير ۾ پي ٽي آءِ سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته انا جو جِن نظام کي هلڻ نٿو ڏئي ۽ زڪوٽا جِن نظام جا هڏا به چٻاڙي رهيو آهي، شهباز شريف خلاف ايف آءِ اي جو ڪيس نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي ناڪامي جو ثبوت آهي، نواز شريف جي دور جا منصوبا ڪرپشن سٽيل آهن ته اُنهن کي بند ڇو نٿو ڪيو وڃي، اُهي منصوبا اڃا تائين هلي رهيا آهن، اظهار جي آزادي پابندي واري ميڊيا آرڊيننس کي رد ڪريون ٿا، هن آرڊيننس سان سموري ملڪ ۾ قبرستان جهڙو ماحول هوندو ۽ ڪير به ڳالهائي نه سگهندو، چونڊ سڌارن آرڊيننس ذريعي اليڪشن ڪميشن کان آئيني اختيار کسي نادرا کي ڏنا ويا آهن، اپوزيشن اهو بِل پاس ٿيڻ نه ڏيندي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔