ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 38 ماڻهو فوت

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 38 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ مثبت ڪيسز جي شرح 2.39 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 46124 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1097 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته وائرس وگهي وڌيڪ 38 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 2.39 سيڪڙو رهي، ملڪ ۾ ڪورونا کان هن وقت تائين مجموعي طور تي فوتين جو تعداد 22108 ٿي ويو ۽ ڪل ڪيسز جو انگ 9 لک 51 هزار 865 ٿي چڪو آهي جڏهن ته هيل تائين وائرس ان 8 لک 96 هزار 821 ماڻهو ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ڏئي ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔