قومي اسيبملي اسپيڪر قانونسازي بابت ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

اسلام آباد:قومي اسيمبلي جَي اسپيڪر اسد قيصر تڪراري قانونسازي تي پارلياماني پارٽيز جَي اڳواڻن جِي مشاورت سان 14 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، جوڙيل ڪميٽي قانونسازي بابت اسپيڪر کي سفارشون پيش ڪندي، ڪميٽي ۾ حڪومت طرفان پرويز خٽڪ، اسد عمر، طارق بشير چيمه، فهميده مرزا، بابر اعواڻ، خالد مقبول صديقي، خالد مگسي شامل، شاهد خاقان عباسي، اياز صادق، راڻا ثناءُ الله، نويد قمر، شازيا مري، آغا حسن بلوچ ۽ ٻيا اپوزيشن جي نمائندگي ڪندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته پارلياماني ڪميٽي پنهنجي ٽي او آر کي حتمي شڪل ڏيندي ۽ پنهنجون سفارشون اسپيڪر کي پيش ڪنديون، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن حڪومت قومي اسيمبلي مان اليڪشن ڪميشن، اليڪشن سڌارا، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽنگ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي حوالي سان بل سوڌو 21 بل منظور ڪرايا هئا جنهن تي اپوزيشن جي طرفان سخت مخالفت ڪئي وئي هئي ۽ حڪومت کان تڪراري قانون سازي کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔