ڪراچي ۾ شهري کي ڀُنگ لاءِ اغوا ڪندڙ ٻه سي ٽي ڊي اهلڪار گرفتار

ڪراچي: پوليس اختيارين پنهنجي ڪرپٽ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خلاف گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي  شهري کان ڀُنگ وصول ڪرڻ جو بيو واقعو سامهون اچي ويو آهي.

دهشتگردي جي خاتمي واري کاتي(سي ٽي ڊي) ۾ مقرر سب انسپيڪٽر عبدالرحمان ۽ ايس آءِ يو جي اهلڪار امجد پاران لياري جي چيل چوڪ تان شهري کي اغوا ڪيو ويو.

پوليس اهلڪار شهري کي سپر هاءِ وي تي کڻي ويا جتي هنن کيس ڊيڄاري ڌمڪائي 25 لک روپيه ڦر ڪيا ۽ شهري کي اتي ئي ڇڏي ڏنو. شهري جي اطلاع تي پوليس اختيارين ايس ايڇ او ڪلاڪوٽ کي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پوليس سب انسپيڪٽر عبدالرحمان ۽ ڪانسٽيبل امجد  مٿان ڪلاڪوٽ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪري ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔