خواجه آصف خلاف ريفرنس تيار، حتمي منظوري لاءِ نيب چيئرمين ڏانهن اماڻيو ويو

لاهور: نيب لاهور خواجه آصف جي خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو. قومي احتساب بيورو(نيب) ليگي اڳواڻ جي خلاف ريفرنس حتمي منظوري لاءِ نيب چيئرمين ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب  نيب طرفان اماڻيل ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته خواجه آصف تي مني لانڊرنگ، آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي. نيب چيئرمين 4  سيپٽمبر 2018 تي خواجه آصف خلاف جاچ جي منظوري ڏني. ليگي اڳواڻ کي 29 ڊسمبر 2020ع تي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيس جي جاچ اڃان به جاري آهي.

نيب ريفرنس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خواجه آصف جڏهن 1991ع ۾ سينيٽر بڻجيو ته ان وٽ 3 هزار مربع گز جو گهر هو. 1993ع ۾ ليگي اڳواڻ جا ڪل اثاثا 51 لک روپين جا هئا. 2018ع تائين خواجه آصف جا ڪل اثاثا 404 ملين روپين تائين پهچي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔