ڪورونا وبا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 30 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد:  ملڪ ۾ ڪورونا وبا سبب فوت ٿي ويل مريضن جو گڏيل انگ 20 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي وبا ۾ لاڳيتو گهٽتائي اچي رهي آهي. گذريل ڏينهن ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 34 هزار 754 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 907 هاڪاري آيا. اهڙي طرح ملڪ ۾ ڪورونا هاڪاري ڪيسز جي شرح 2.60 سيڪڙو رهي. ملڪ ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 9 لک 49 هزار 175 ٿي ويو آهي.

پنجاب ۾ 3 لک 45 هزار 65، سنڌ ۾ 3 لک 32 هزار 254، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 37 هزار 75، بلوچستان ۾ 26 هزار 633، اسلام اباد ۾ 82 هزار 368، آزاد ڪشمير ۾ 19 هزار 967 ۽ گلگت بلتستان ۾ هينئر تائين 5 هزار 813 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. ملڪ ۾ هن وبا کي شڪست ڏيندڙ گڏيل مريضن جو انگ 8 لک 93 هزار 148 ٿي ويو آهي.

پنجاب ۾ 3 لک 24هزار 768، سنڌ ۾ 3 لک 7 هزار 298، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 30 هزار 535، بلوچستان ۾ 25 هزار 579، اسلام آباد ۾  80 هزار، 463، آزاد ڪشمير ۾ 18 هزار 936 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 569 ڪورونا مريض صحتياب ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔