لاهور: شوگر اسڪينڊل ڪيس: شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ضمانت منظور

لاهور: لاهور جي سيشن ڪورٽ شوگر اسڪينڊل شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي،عدالت 10 جولاءِ تائين ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف روسٽرم تي اچي ڪري پنهنجي حق ۾ دليل ڏيندي چيو ته سمجهه ۾ نٿي اچي ته مون کي شوگر اسڪينڊل ۾ ايف آءِ اي ڇو طلب ڪيو آهي، جيل ۾ به ايف آءِ اي سوال ڪيا، شوگر ملز ۾ شيئر هولڊر به ناهيان، نه وري بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ آهيان، نيب جا ڪسيز ڀوڳي رهيو آهيان، هاڻي ايف آءِ اي کي منهنجي پٺيان لڳايو ويو آهي، شهباز شريف عدالت ۾ چيو ته شوگر ملز ۾ ٻارن جا نالا آهن، والد مرحوم جي وراثت سان ايندڙ ملڪيتن کي ٻارڙن جي نالي ڪيم، عدالت سامهون رڪارڊ رکندس، پنهنجي دور ۾ هارين کي ڪمند جي قيمت 182 رپيا مقرر ڪئي، مون وٽ شوگر ايسوسي ايشن وارا آيا ته مان قيمتون وڌڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔