آمريڪا کي نڪرڻ کان اڳ افغان مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻو پوندو: وزيراعظم

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا کي نڪرڻ کان اڳ افغان مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻو پوندو، امريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر انڪار ڪندي چيو ته سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي واري مشن لاءِ پاڪستان سي آءِ اي کي هوائي اڏا نه ڏيندو، امريڪا_ افغان جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪستان کي ٿيو آهي، امريڪا افغان جنگ ۾ 70 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿي ويا، پاڪستان ٻين ملڪن جي نسبت سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان ۾ هن وقت 30 لک افغان پناهگير موجود آهن، هن چيو آهي ته اسان امن چاهيون ٿا، ڇڪتاڻ نٿا چاهيون، هاڻي اسان ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ جو حصو نٿا بڻجڻ چاهيون، امريڪا کي وڃڻ کان اڳ افغان مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻو پوندو، هڪ سوال جي جواب وزيراعظم عمران خان چيو ته جوايٽمي هٿيارن جي خلاف آهيان، پر پاڪستان جو ايٽمي پروگرام صرف ملڪ جي دفاع لاءِ آهي، نائن اليون کانپوءِ يورپ ۾ مسلمانن جي خلاف نفرت ۾ اضافو ٿيو، اولهه ۽ اسان جي ثقافت ۾ وڏو فرق آهي، اسان جي معاشري ۾ عورت جي پردي جو تصور فتني کان بچڻو آهي، چين بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، چين اسان کي معاشي طور تي مستحڪم هجڻ تي به ريسڪيو ڪيو، ڪشمير مسئلي تي وزيراعظم چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي هٿان لکين ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، اولهه جي دنيا ۾ ڪشميرين کي ڇو نظر انداز ڪيو پيو وڃي، 8 لک ڀارتي فوجين ڪشمير کي کليل جيل بڻائي ڇڏيو، اولهه ۾ ڪشمير جو مسئکو ڇو نٿو اٿاريو وڃي، منهنجي خيال ۾ هي منافقت آهي، عالمي وبا ڪورونا جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته جڏهن ڪورونا آيو ته ڪيئي سياسي اڳواڻن مڪمل لاڪ ڊائون جو چيو، ملڪ جو 70 سيڪڙو آبادي ڏهاڙيدار آهي، ان تي لاڪ ڊائون نٿا لڳائي سگهون، اسان ملڪ ۾ ڪورونا جي خلاف اسمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو، ملڪ ۾ ڪورونا بابت نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر قائم ڪيو، اين سي او سي جي سفارشن تي هاٽ اسپاٽ وارن علائقن ۾ لاڪ ڊائون لڳايو، الله تي يقين ۽ فوري قدم کڻڻ جي ڪري ڪورونا تي ضابطو آندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔