آءِ ايم ايف ۽ اسان جي منزل هڪ هوندي، صرف طريقيڪار تي اختلاف ٿي سگهن ٿا: عمر ايوب

اسلام آباد: وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي چئي ڇڏيو آهي ته اسان جي منزل هڪ ئي هوندي پر طريقيڪار مختلف ٿي سگهي ٿو.

برطانوي خبرون ڏيندڙ ايجنسي سان ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) ۽ اسان جي منزل پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي آهي ۽ وزيراعظم عمران خان ۽ ان جي معاشي ٽيم به آءِ ايم ايف کي چئي ڇڏيو آهي ته اسان جي منزل هڪ ئي هوندي پر اسان جا طريقيڪار ۾ اختلاف ٿي سگهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جي ڳالهه ڪئي. جڏهن ته ان جي ئي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل اهو سلسلو شروع ڪيو.

اڳوڻي حڪومت ڊالر جي قدر کي مصنوعي طور تي گهٽ ڪيو. جنهن سبب ملڪي برآمدات تي منفي اثر پيو ۽ اسان جي درآمدات سستي ٿي وئي ۽ هر شيءَ ٻاهر کان اچڻ شروع ٿي وئي. مسلم ليگ(ن) 24 ارب ڊالر صرف روپئي کي 100 تي رکڻ جي لاءِ استعمال ڪيا. عمر ايوب چيو ته پاڪستان پرڏيهي قرضن جي مد ۾ ساليانو 10 کان 12 ارب ڊالر قرض وٺي رهيو آهي ۽ ان مان 90 سيڪڙو رقم اڳوڻين حڪومتن جي ورتل قرضن جي ادائيگين تي خرچ ٿي رهي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته جيستائين توانائي واري وزارت جو قلمدان مون وٽ هو. اسان آءِ ايم ايف کي چيو هو ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافو نه ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔