ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ ستاويهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 27 مريض فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته  991 نوان هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 46 هزار 269 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 991 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي. اهڙي طرح ڪورونا ڪيسز هاڪاري اچڻ جي شرح 2.14 سيڪڙو رهي.

ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جو انگ 218.947 ٿي وئي آهي. جن مان 889.787 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 27 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون. اهڙي طرح ملڪ ۾ هينئر تائين هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل انگ 21 هزار 940 ٿي ويو آهي.

سموري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسز جي انگ ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ فعال ڪيسز جو انگ 35 هزار 491 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔