شهبازشريف پاران بلوچستان اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻن مٿان لاٺي چارج ۽ بدسلوڪي جي سخت مذمت

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته موجوده حڪومت بدقسمتي سان جمهوري احتجاج، اختلاف راءِ ۽ تنقيد کي ذاتي دشمني بنائي ڇڏيو آهي.

پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف بلوچستان اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻن مٿان لاٺي چارج ۽ بدسلوڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت بدقسمتي سان جمهوري احتجاج، اختلاف راءِ ۽ تنقيد کي ذاتي دشمني بنائي ڇڏيو آهي. انتشار ۽ جبر جا طريقا غير جمهوري، غير پارلياماني ۽ غير سياسي آهن. پهريان قومي اسيمبلي ۾ غير جمهوري رويو اپنايو ويو، هاڻ اهو ئي رويو بلوچستان اسيمبلي ۾ نظر اچي رهيو آهي.

بلوچستان اسيمبلي جي اپوزيشن ميمبرن تي تشدد ۽ کين اجلاس ۾ شرڪت کان روڪڻ ظلم جي انتها آهي. حڪومت اسيمبلي ميمبرن جي ڳالهه ٻڌي. اپوزيشن تي لاٺي چارج ۽ کين اجلاس ۾ شرڪت کان روڪڻ مسئلي جو حل نه آهي. بلوچستان اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻن جا جائز مطالبا ۽ محرومين کي ختم ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔