سنڌ اسيمبلي ۾ غيرقانوني ڀرتيون: نيب ڪراچي طرفان ھلندڙ انڪوائري انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: نيب ڪراچي سنڌ اسيمبلي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ ترقين تي اڳوڻي سيڪريٽري ھادي بخش ٻرڙو ۽ ٻين خلاف ھلندڙ انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان نيب جي ريجنل بورڊ جي ڊي جي نيب نجف قلي جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ پاڻ کي ڊي جي نيب سڏرائي بلڊرن ۽ آفيسرن سان ڪروڙن جو فراڊ ڪندڙ خالد سولنگي ۽ ٻين خلاف ريفرنس جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ ڪراچي اولهه ۾ 400 ايڪڙ زمين غيرقانوني ريگيولرائيز ڪرڻ تي لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي آفيسرن ۽ ٻين خلاف به ريفرنس جي منظوري ڏني وئي، ايم ايس ڪريم ھائوسنگ جي انتظاميا خلاف به ريفرنس جي منظوري ڏني وئي، نيب جو چوڻ آهي ته مجموعي طور ھڪ ارب 40 ڪروڙن جي ڪرپشن ڪيسن ۾ 5 ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ھڪ انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔