شرجيل ميمڻ جي گهرواريءَ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم

ڪراچي: پيپلز پارٽي اڳواڻ شرجيل ميمڻ جي گهرواري صدف شرجيل جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن تي عدالت سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي صدف شرجيل جي وڪيل راج واحد چيو ته صدف شرجيل کي ڪاروبار جي سلسلي ۾، چيڪ اپ ڪرائڻ يا امريڪا ۾ پڙهندڙ ڌيءَ سان ملڻ لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻو پوندو آهي، نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته صدف شرجيل جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪيو ويو ته خدشو آهي ته هوءَ واپس نه ايندي. عدالر دليل ٻڌڻ کانپوءِ صدف شرجيل جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔